اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ايندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جي سهولت آهي ۽ ڪٽس وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پاڪستان مڪمل محفوظ آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي ج??اب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايڇ او جڏهن منڪي پاڪس بابت ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته وزيراعظم سمورين ڌُرين جي اجلاس جي صدارت ڪري بريفنگ ورتي. ايئرپورٽس تي انٽرنيشنل فلائٽس جي اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، هاڻ تائين 5 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي پُراڻي قسم جا آهن ان مان ٻن مريضن کي آئسوليشن ۾ رکيو ويو آ??ي. ??ن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني ج?? بنياد تي انگ اکر جمع ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته هيءَ ڦهلجندڙ بيماري آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جو نظام ۽ ڪٽس وڏي انگ ۾ موجود آهي، جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو ڪيس سامهون آيو ته پوءِ ٽيسٽ کانپوءِ ان کي آئسوليشن ۾ موڪليو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽر ۽ وسيلا موجود آهن ۽ هن وقت اسان منڪي پاڪس کان محفوظ آهيون.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan, Iran business chambers ink MoU to boost bilateral trade to $10bn
-
Pakistan urges Afghanistan to bring militants to justice after train attack
-
India, Pakistan exchange captured soldiers in goodwill gesture
-
ماسٹرز آف المپیس آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
Polling in full swing as voters to exercise right of franchise in PK-8
-
Wanted terrorist held in Hangu
-
Businessmen keen to promote trade with Iran
-
Pakistan experiences severe climate change, govt seems unaware
-
Abdul Basit resonates message of peace for Kashmir
-
Swedens ambassador calls on CJCSC
-
Pakistan Rangers Punjab leadership changes hands
-
FIA arrests three human-traffickers