ڪوئٽا -22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته عالمي مارڪيٽ کي اسڪلڊ ورڪرز جي ضرورت آهي، صحيح رخ تي هلياسين ته پاڪستان جي 10 کان 15 لک ٻارن کي عالمي مارڪيٽ جو حصو ??ڻا??ي سگهجي ٿو، قدرتي آفتن ۾ دنيا اسان جي مدد ناهي ڪئي، موجوده حڪومت فيصلو ڪيو آهي، ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن تي ٻڌل نيشنل والنٽيئر ڪور ۽ نوجوانن جي مسئلن جي نشاندهي لاءِ قومي يوٿ ڪائونسل قائم ڪري نوجوانن کي فيصلي سازي ۾ حصيدار بڻايو وڃي. نوجوانن کي هنرمند ??ڻا??ڻ لاءِ انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۾ اڻوڻندڙ حالتن باوجود نوجوانن تعليم سميت هر شعبي ۾ پنهنجو مقام بڻايو جيڪو ٻين لاءِ رول ماڊل آهي، وفاقي حڪومت صرف موقعا فراهم ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته بهتر مستقبل ??ڻا??ڻ نوجوانن جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، دهشتگردي سميت دشمنن جي سمورين سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِنوجوان اسان جي هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مينجمينٽ سائنسز ۾ بلوچستان جي نوجوانن لاءِ پهچ جوڳي سماجي ڪاروبار جي عنوان سان پي پي اي ايف، اين آءِ سي بيوٽمز ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. راڻا مشهود چيو ته نوجوانن جو حوصلو ڏسي خوشي ٿي، هي اهو پاڪستان آهي جنهن لاءِ اسان جي بزرگن جدوجهد ڪئي هئي، پاڪستان ٺهڻ ۾ بلوچستان جو ووٽ تمام اهم هو ۽ آهي. راڻا مشهود چيو ته وفاقي حڪومت طرفان وزيراعظم يوٿ پروگرام سان بنا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن ۽ پاڪستان ۾ 2 لک ٻار ان پروگرام مان فائدو کڻي چڪا آهن، جن ٻين لاءِ رستو کولي ڇڏيو آهي. هن چيو ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي جتي اين آءِ سي جهڙا ادارا نوجوانن کي رستو ڏيکاري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته ان وقت به هن پهرين ترجيح نوجوانن کي ڏني. هن چيو ته بلوچستان ٻارن کي نيشنل انوويشن ايوارڊ ۾ رجسٽرڊ ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان خلاف سازشن کي ناڪام ??ڻا??ڻ جي ذميواري فيوچر ليڊرز آف پاڪستان جي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ قومي يوٿ ڪائونسل ??ڻا??ي رهيا آهيون جنهن ۾ 100 ٻارن ۽ ٻارڙين جي چونڊ ٿيندي، پاڪستان ۾ هن وقت آءِ ٽي انڊسٽري جو ڪاٿو اڍائي ارب رپيا آهي جنهن کي 25 ارب رپين تائين وڌائڻو آهي ته جيئن دنيا ۾ آءِ ٽي جي وڌندڙ گهرج کي نظر م رکندي پاڪستاني نوجوانن کي عالمي مارڪيٽ جو حصو ??ڻا??ي سگهجي. هن جو چوڻ هو پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ آئي جڏهن ته موسمياتي تبديلي ۾ اسان جي ملڪ جو حصو تمام گهٽ آهي، اڄ اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي ۽ ان يڪجهتي جي جذبي سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي آهي. ان موقعي تي قومي ورثي واري ڊويزن جي صلاحڪار ڪاشف ارشاد، پي پي اي ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نادر گل بڙيچ پڻ خطاب ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
PMD forecasts more rains, thundershowers across country from Aug 17
-
28 bottle water brands unsafe for consumption: PCRWR’s report
-
نینجا اور سامورائی سرکاری تفریحی پورٹل
-
Four suspects detained in Karachi
-
12 killed in fog-related incidents in Punjab
-
Dossier on Kulbhushan activities in Pakistan at final stages: Aziz
-
Baloch govt buys Russian Mi-171 helicopter
-
India invites Pakistan to South Asian Speakers Summit
-
Midas to Gold App ڈاؤن لوڈ کرنے کا بہترین طریقہ
-
کیسینو آفیشل ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل گائیڈ
-
فارچیون چوہا آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے سے متعلق مکمل گائیڈ
-
خوش قسمت خرگوش سرکاری تفریحی داخلہ کی کہانی