اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر هي لي فينگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي ڪيترن ئي رخن، بشمول پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم هي لي فينگ کي مارچ ۾ چين جي نائب وزيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان ۾ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده معاشي چئلينجز ??اص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جهڙن مشڪل وقتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ دوستي ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري ۾ توسيع تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ چين جي مستقل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي پاڪستان ۽ چين جي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مرڪزيت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي 10 سالا سالگرهه ان منصوبي کي نئين سر توسيع ڏيڻ جو هڪ سنهري موقعو آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چين کي زرعي روانگي واپار وڌائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي، صنعتي ۽ مواصلاتي سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳوا??ن علائقائي مسئلن ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ تي هڪ ٻئي جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو. چيني وفد ۾ چيني اسٽيٽ ڪائونسل جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل گووي، چيني نائب پرڏيه?? وزير سن وي ڊونگ، نائب چيئرمين نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ڪونگ ليانگ، پيپلز بئنڪ آف چائنا جي ڊپٽي گورنر زوان چينگنينگ ۽ وانگ ڪيبنگ، چيني واپار وار?? وزارت جي ايشيائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل وانگ ليپنگ، پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پانگ چنشوئي ۽ ٻيا اعليٰ چيني آفيسر شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاق?? وزير سيد نويد قمر، ناڻي وارو وفاق?? وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب، منصوبابندي وارو وفاق?? وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاق?? وزير خواجه سعد رفيق، پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو ??اص معاون طارق فاطمي ۽ مختلف وزارتن مان ٻيا اعليٰ آفيسر شامل هئا.
متعلقہ مضامین
-
CM Punjab felicitates nation on Pakistan Day
-
Pakistan and Rwanda strengthen diplomatic foundations with key agreement
-
Fortune Forge سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Sindh CM calls on Bilawal
-
Army helicopter of FWO crashes in Hunza
-
Court disqualifies AJK LA speaker
-
SECP starts probing saga of offshore companies, NA told
-
Pakistani, Afghan DGMOs to meet in Kabul
-
Pakistan completes deal to acquire 4 new helicopters from Russia
-
Tarbela dam faces water shortage
-
Turkish police rescue six abducted Pakistanis
-
Meeting fails to fix responsibility but NA speaker offers to resign