اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ۽ ماحول کي درپيش خطرن ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس قدم?? کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا جا سمورا مذهب معاشري ۾ ٻڌي ۽ برابري تي زور ڏين ٿا، مذهبن امن جي لاءِ وڏي جستجو ڪئي آهي، چاهيون ٿا ته امن ۽ محبت جو پيغام عام ٿئي، پاڪستان دنيا جي لاءِ گنڌارا تهذيب جي قديم تاريخ جي منفرد ميلاپ ۽ ٻڌ جي امن ۽ همدرديءَ جي پيغام سان هڪ قيمتي دُوار کوليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ڪلچرل ڊپلوميسي: پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌسٽ هيريٽيج جي بحالي“ جي موضوع تي ٽن ڏينهن واري گنڌارا س??پو??يم 2023ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. س??پو??يم جي افتتاحي سيشن ۾ اسلام آباد ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، مذهبي اڳواڻن، آثار قديمه جي ماهرن، تعليمي ماهرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي سميت ٻين ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن پڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو. صدر چيو ته مختلف تهذيبن بابت ڄاڻڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، واديءَ سنڌ جي تهذيب جو ??اڻ??ٽو دنيا جي اهم تهذيبن ۾ ٿئي ٿو، مذهبي ڪتابن ۾ گنڌارا تهذيب جو به ذڪر آهي. هن چيو ته ٻڌا جي تعليم امن، محبت ۽ رواداري جو درس ڏي ٿي، موجوده دور ۾ صبر ۽ تحمل ضروري ٿي چڪو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مختلف تهذيب?? کي اختلاف وساري گڏجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي س??پو??يم منعقد ڪرڻ تي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سمورن مذهبن امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان جي لاءِ مذهبن وڏي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته دنيا کي امن ۽ بهتر ماحول جي ضرورت آهي. صدر چيو ته دنيا کي تڪرارن ??ان هٽي امن طرف وڃڻ گهرجي ۽ تهذيب?? کي لاحق خطرن ??ي روڪڻو پوندو. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود تقريب ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته س??پو??يم منعقد ڪرڻ سان پاڪستان ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ملندو. هن چيو ته پشاور، ٽيڪسلا ۽ تخت ڀائي گنڌارا تهذيب جا اهم شهر رهيا آهن. وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي س??پو??يم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گنڌارا سميت ڪيترين ئي تهذيبن جا اثار موجود آهن، ثقافتي سياحت جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته ثقافتي ۽ مذهبي سياحت مختلف ملڪن ۽ معاشرن ??ي ويجهو آڻڻ جو سبب بڻجي ٿي.
متعلقہ مضامین
-
Punjab launches massive afforestation, eco-tourism drive under CM’s directives
-
President Zardari signs Anti-Terrorism Amendment bill into law
-
Canal dispute: protesters should cease agitation, unblock roads, says Sindh CM Murad
-
Probationary officers of IRS visit FBR headquarters
-
Suspect nabbed in 51 hours in foreign woman assault case
-
فارچیون ڈریگن آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ مکمل گائیڈ
-
فنڈنگ ایموجی تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
خریداری سے لطف اندوز ہوں: سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Medusa II آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ: تفریح کا نیا دور
-
At least 8 suspected terrorists killed in Karachi police encounter
-
Mass arrests of Afghans intensifies in Peshawar
-
WHO team likely to visit CMCH after HIV/AIDS issue